ثاقبه رحيم الدين

ثاقبه رحيم الدين

ثاقبه رحيم الدين

ثاقبه رحيم الدين: خاتون اديبه، محقق، سماجي ڪارڪن. ثاقبه
رحيم الدين پهرين نومبر 1940ع تي ڍاڪا (بنگال) ۾ پيدا ٿي. جتي سندس والد ڊاڪٽر محمود حسين ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو ريڊر هو ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هو پاڪستان ۾ رهائش پذير ٿيا. سندس والد پروفيسر محمود حسين آگسٽ 1971ع کان اپريل 1975ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. بعد ۾ دفاع، پرڏيهي معاملن، رياستي ۽ قبائلي معاملن جو وزير مملڪت ۽ پوءِ وزير تعليم پڻ رهيو. سندس ڌيءَ ثاقبه جو اصل نالو ثاقبه خانم آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اردو) ۾ اعليٰ پوزيشن حاصل ڪيائين، ۽ فرسٽ ايڊ جو ڪورس به ڪيائين. 28 ڊسمبر 1958ع تي هن جي شادي جنرل رحيم الدين سان ٿي. 1975ع ۾ هن عوامي فلاح ۽ بهبود جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. بالغن جي تعليم، ٻارڙن جي صحت جي حفاظت، گهريلو دستڪارين ۽ عورتن جي پيشه ورانه تربيتي مرڪزن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪيائين. سندس مڙس جڏهن بلوچستان جو گورنر هو ته هن ان دوران بلوچستان ۾ به ڪيترن ادارن جو بنياد رکيو ۽ انهن ۾ ڪم ڪيو. هوءَ پاڪستان چلڊرين اڪيڊميءَ جي باني ۽ تاحيات صدر، گونگن ۽ ٻوڙن جي ويلفيئر سوسائٽيءَ جي صدر، ”قلم قبيله“ نالي ادبي انجمن جي باني صدر رهي آهي. اردو ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي به آهي. هن ٻارڙن لاءِ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا آهن، جن مان ”چاند تارا“ (اردو) مقبول آهي. سندس فڪري ۽ تاثراتي مضمونن جو هڪ مجموعو ”محفل تنهائي“ به شايع ٿيل آهي. پاڪستان چلڊرين اڪيڊميءَ طرفان سندس ڪتاب ”مين پاڪستاني هون“ ٻه جلد ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندس ”قلم قبيله“ جي عنوان سان ادبي مقالن جا ٻه مجموعا ڇپيل آهن. هوءَ جيتوڻيڪ اردو جي ليکڪا آهي، پر سنڌي، بلوچي، براهوي، پشتو ۽ انگريزي زبانن تي به عبور حاصل اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو